ڪراچي: پورٽ قاسم اٿارٽي (PQA) پنهنجي پيشاورانه مهارت، بحري صلاحيت ۽ قومي ذميواري جو شاندار مظاهرو ڪندي سخت مون سون ۽ خراب موسمي حالتن باوجود ايل اين جي کڻندڙ بحري جهاز ايس ڪي ريزوليوٽ (S K Resolute) کي 49 ڪلوميٽر ڊگهي ڏکئي نيويگيشنل چينل مان محفوظ طريقي سان گذاري ڪاميابي سان برٿ تي پهچائي ڇڏيو.
هي اهم آپريشن هنگامي حالتن ۾ مڪمل ڪيو ويو. علائقائي ڇڪتاڻ سبب قطر انرجي جا ٻه شيڊيول ٿيل ايل اين جي جهاز فورس ميجيور (Force Majeure) جي اعلان کان پوءِ واپس هليا ويا، جنهن سبب ملڪ ۾ اونهاري دوران توانائي جي بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو هو.
ان صورتحال ۾ پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ (PLL) فوري طور هڪ ٽرانزٽ جهاز تي موجود اسپاٽ ايل اين جي ڪارگو حاصل ڪيو. ممڪن بجلي بحران کان بچڻ لاءِ پورٽ قاسم اٿارٽي جي آپريشنز ٽيم انتهائي پيچيده ۽ حساس بحري آپريشن انجام ڏيندي بندرگاهه جي عملي ۽ موسمي حدن تائين پهچي جهاز کي مڪمل حفاظت سان ٽرمينل تائين پهچايو.
ايس ڪي ريزوليوٽ تي 171,951 ڪعبي ميٽر ايل اين جي موجود هئي، جيڪا پي جي پي سي ايل (PGPCL) ٽرمينل تي هينئر تائين سنڀالي ويل سڀ کان وڏي واحد ايل اين جي ڪهيپ آهي.
ان کان علاوه 47.8 ميٽر ويڪر (Beam) سان هي جهاز مون سون جي موسم دوران پورٽ قاسم جي ٻنهي ايل اين جي ٽرمينلن تي پهچندڙ هينئر تائين جو سڀ کان ويڪرو ايل اين جي ڪيريئر پڻ آهي.
پورٽ قاسم اٿارٽي موجب هن ڪامياب آپريشن سان قومي گيس ۽ بجلي جي نظام لاءِ وقت سر ايندھن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي، جنهن سان قومي گرڊ جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ملڪ جي لکين گهرن توڙي اهم صنعتي شعبن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي بجلي فراهم ڪرڻ ممڪن بڻيو.
ترجمان موجب هي ڪاميابي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي هر قسم جي ڏکين حالتن ۾ پاڪستان جي معاشي ۽ تزويراتي مفادن جي تحفظ لاءِ مڪمل طور تي تيار، مضبوط ۽ مؤثر صلاحيت رکي ٿي.