ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
ڀارت ۾ چئن سالن کانپوءِ پيٽروليم اگهن ۾ 3 رپيا واڌ تي حڪومت خلاف سخت احتجاج

ڀارت ۾ چئن سالن کانپوءِ پيٽروليم اگهن ۾ 3 رپيا واڌ تي حڪومت خلاف سخت احتجاج

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جنگ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ڀارت ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 3 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي واڌ 4 سالن کانپوءِ ڪئي وئي آهي جنهن بعد پيٽرول جي قيمت 97.77 جڏهن ته ڊيزل 90.67 رپيا في ليٽر ٿي وئي.

ٻئي پاسي مخالف ڌر جي جماعت ڪانگريس پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تي احتجاج ڪندي چيو ته مودي حڪومت پنهنجي چونڊ خرچن جي اوڳاڙي لاءِ عوام تي بنا سبب معاشي بار وڌو آهي.

ڀارت ۾ ٻين سياسي پارٽين به پيٽرول جي قيمتن ۾ 4 سالن کانپوءِ 3 رپين جي واڌ کي رد ڪندي شديد احتجاج ڪيو ۽ روڊن تي نڪري آيون، حڪومت مخالف نعرا هنيا ويا.

سوشل ميڊيا تي به مودي حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪجهه واهپيدارن سوال اٿاريو آهي ته جيڪڏهن تيل جو بحران نه هو ته هاڻي اوچتو قيمتون ڇو وڌايون ويون ۽ اهو به اليڪشن کان ترت پوءِ جنهن سبب شڪ شبها پيدا ٿي ويا آهن.

هوڏانهن بي جي پي حڪومت جو چوڻ آهي ته ايران جنگ ۽ آبناءِ هرمز جي بندش سبب اگهن ۾ واڌ اڻٽر ٿي وئي هئي، ان باوجود به حڪومت ان تاثر کي غلط قرار ڏنو ته ملڪ هن وقت تيل جي بحران جو شڪار آهي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم مني…
23 May 2026
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
23 May 2026
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو…
25 May 2026
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برس…
30 May 2026
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
30 May 2026
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين محرم الحرام تي تبديل ڪيو ويندو۔
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين…
30 May 2026
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار، هيليڪاپٽر ڪري تباهه؛ مڙس فوت
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار،…
01 Jun 2026
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊي…
01 Jun 2026
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪ…
02 Jun 2026
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي وئي
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي…
02 Jun 2026