لاهور: پنجاب حڪومت راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي جي ڊيزائن ۾ مبينا تبديلي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
حڪومت رنگ روڊ منصوبي جي ڊيزائن ۾ مبينا تبديلي جي جاچ جو آغاز ڪندي گڏيل جاچ ٽيم (JIT) جوڙڻ تي پڻ غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل چيف سيڪريٽري آر ڊي اي (RDA) کان منصوبي جو رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، اين او سيز (NOCs)، منظور ٿيل نقشن ۽ ٻين لاڳاپيل منظوريُن جو جائزو ورتو پيو وڃي.
ذريعن ٻڌايو ته رنگ روڊ سروس ايريا منصوبي تي 75 ڪروڙ 32 لک رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي، جڏهن ته سرڪاري واجبات جي مد ۾ 3 ڪروڙ 17 لک 84 هزار رپيا جمع ڪرايا ويا هئا.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي دورِ حڪومت ۾ رنگ روڊ جي ڊيزائن ۾ مبينا تبديلي جو معاملو سامهون آيو هو، جنهن تي راولپنڊي جي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي وئي هئي