ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
31 اگست 2026
راولپنڊي: مڙس ملازم ۽ پيءُ سان گڏجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش غسل خاني مان هٿ

راولپنڊي: مڙس ملازم ۽ پيءُ سان گڏجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش غسل خاني مان هٿ

راولپنڊي ۾ مڙس مبينا طور ملازم ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش گهر جي غسل خاني مان هٿ ڪيو ويو

پوليس موجب عورت جي قتل جو واقعو ٿاڻي سول لائنز جي علائقي لال ڪرتي ۾ پيش آيو. عورت جو لاش گهر جي غسل خاني مان هٿ ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا جي شادي 9 مهينا اڳ ٿي هئي، جڏهن ته قتل جي الزام ۾ مقتولا جي مڙس ۽ گهريلو ملازم کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

مقدمي جي فريادي موجب لاش جا هٿ پٺيان ٻڌل هئا ۽ وات تي ڪپڙو پڻ ٻڌل هو. مقتولا جي ڀاءُ کي سندس ڀيڻ جي ساهرن جي فون آئي، جنهن کانپوءِ هو گهر پهتو ته ڀيڻ جو لاش غسل خاني ۾ پيل هو. فريادي جو چوڻ آهي ته جوابدارن قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

مقتولا جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته سندس ڀيڻ جو مڙس اڳ به کيس تڪليفون ڏيندو رهيو هو. سندس موجب جوابدار جي اها ٻي شادي هئي، جڏهن ته پهرين زال کيس طلاق ڏئي ڇڏي هئي.

پوليس موجب مقتولا حنا جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي ۽ رپورٽ جو انتظار آهي. واقعي واري هنڌ تان سمورا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ واقعي جي سمورن پاسن کان جاچ جاري آهي.

متاثر خاندان مقتولا جي سسر اصغر علي کي پڻ گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. خاندان جو چوڻ آهي ته مقتولا جو سسر به ڪيس ۾ نامزد آهي، پر اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو. خاندان اميد ظاهر ڪئي آهي ته پنجاب پوليس انصاف لاءِ قانون موجب سمورا قدم کڻندي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
يونيسڪو پاڪستان جي 12 تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن کي عالمي ورثي جي عارضي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو
يونيسڪو پاڪستان جي 12 تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن کي عالم…
24 Aug 2026
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سرڪاري دوري تي لنڊن پهچي ويو
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سرڪاري دوري …
24 Aug 2026
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن لاءِ ووٽنگ جاري
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن لاءِ …
24 Aug 2026
آزاد ڪشمير جي وادي نيلم مان 3 ڄڻن جا لاش هٿ
آزاد ڪشمير جي وادي نيلم مان 3 ڄڻن جا لاش هٿ
24 Aug 2026
ملڪ جو سڀ کان وڏو موسيقيءَ جو مقابلو پاڪستان آئيڊل فيصل آباد جي حرا قيصر کٽي ورتو
ملڪ جو سڀ کان وڏو موسيقيءَ جو مقابلو پاڪستان آئيڊل…
24 Aug 2026
اطلاعات واري وزارت خواجا آصف جي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو کي جعلي ۽ اي آءِ تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو
اطلاعات واري وزارت خواجا آصف جي سوشل ميڊيا تي گردش…
24 Aug 2026
فيلڊ مارشل عاصم منير اهم دوري تي ايران روانو
فيلڊ مارشل عاصم منير اهم دوري تي ايران روانو
24 Aug 2026
پشاور هاءِ ڪورٽ بجلي جي بل ۾ تفصيل کانسواءِ ٽيڪس وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو
پشاور هاءِ ڪورٽ بجلي جي بل ۾ تفصيل کانسواءِ ٽيڪس و…
24 Aug 2026
اڊيالا جيل جي 3 قيدين علاج لاءِ شفا اسپتال وڃڻ خاطر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو
اڊيالا جيل جي 3 قيدين علاج لاءِ شفا اسپتال وڃڻ خاط…
24 Aug 2026
مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج نامزد
مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم، سنڌ…
24 Aug 2026