اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي پمز اسپتال ۾ طبي معائني بابت اسپتال انتظاميا اعلاميو جاري ڪري ڇڏيو آهي
پمز اسپتال جي اعلاميي موجب پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي 20 ۽ 21 آگسٽ جي وچ واري رات طبي معائني ۽ علاج لاءِ پمز اسپتال آندو ويو.
اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته شفا انٽرنيشنل اسپتال جي 2 ماهرن عمران خان جي اکين جي معائني ۾ حصو ورتو، جڏهن ته عمران خان جي ٻين طبي معائنن لاءِ پمز جي لاڳاپيل ماهرن پڻ خدمتون انجام ڏنيون.
پمز اسپتال موجب اکين جي معائني مان حاصل ٿيل طبي راءِ کي ٻين طبي جاچن جي نتيجن سان گڏ نظر ۾ رکيو ويو، جنهن کانپوءِ پمز جي ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ طبي فٽنيس رپورٽ کي حتمي شڪل ڏني.
اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته مريض جي رازداري ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي پمز طبي رپورٽ جا رازداري وارا تفصيل ظاهر نه ڪندو.
واضح رهي ته ٽي ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته عمران خان کي طبي معائني لاءِ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪري سندس مڪمل طبي جاچ ڪرائي وڃي.
تنهن هوندي به گذريل رات حڪومت عمران خان کي پمز اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس طبي معائنو ڪيو ۽ رات دير سان کيس ٻيهر اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.
ان حوالي سان وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته عمران خان مڪمل طور صحتمند آهي.