ڪراچي ۾ عورتن سان روڊ تي نازيبا حرڪتن جا 2 شرمناڪ واقعا سامهون آيا آهن
ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ موٽرسائيڪل سوار شخص رستي تان ويندڙ عورت سان نازيبا حرڪت ڪري فرار ٿي ويو.
ان کان علاوه ٻيو شرمناڪ واقعو ملير الفلاح ۾ پيش آيو، جتي رستي تان ويندڙ عورت سان نازيبا حرڪت ڪئي وئي.
ٻنهي واقعن ۾ هن وقت تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.