ڪراچي: عوام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پنجن سالن کان تعمير هيٺ رهيل يونيورسٽي روڊ، پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ۽ لاپرواهي جو واضح نمونو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته يونيورسٽي روڊ پنجن سالن کان مڪمل نه ٿي سگهي آهي، جيڪو ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي لاءِ سواليا نشان بڻجي ويو آهي. هن چيو ته يونيورسٽي روڊ پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ۽ لاپرواهي جو مثال بڻجي چڪو آهي، تنهن ڪري پيپلز پارٽي کي ان تي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ گهرجي.
مفتاح اسماعيل چيو ته اردو يونيورسٽي جي استادن کي پگهارون نٿيون ملن، جڏهن ته حڪومت ڪاروباري ماڻهن ۽ شهرين کان ٽيڪس وصول ڪري ٿي. هن چيو ته وچولي طبقي جا ٻار هتي تعليم حاصل ڪن ٿا، پر استادن کي ٽن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ليوايبل انڊيڪس ۾ دنيا جي 173 شهرن کي شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪراچي جو نمبر 170 آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت کي 18 سال ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري هاڻي اهو نٿو چئي سگهجي ته ان جو ذميوار جنرل ضياءَ يا پرويز مشرف آهن.
عوام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل موجب، سنڌ جي تعليم جي صورتحال سڀ کان وڌيڪ خراب آهي، جڏهن ته صحت ۽ پوليس جو نظام به سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران پاڪستانين جي سراسري آمدني گهٽجي وئي آهي ۽ ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو وڏو سبب ٽيڪسن جو وڌندڙ بار آهي.
مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت جي پنهنجي انگن اکرن موجب، گذريل چئن سالن ۾ مهانگائي 78 سيڪڙو وڌي آهي، جنهن سبب پگهاردار طبقو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته 29 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.