ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
جنگ نه ٿا چاهيون، ايران آبناءِ هُرمز ۾ واپاري جهازن تي حملا ڪيا ته سخت ڏينداسين: آمريڪي جنگي وزير

جنگ نه ٿا چاهيون، ايران آبناءِ هُرمز ۾ واپاري جهازن تي حملا ڪيا ته سخت ڏينداسين: آمريڪي جنگي وزير

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي بچاءُ واري وزير پيٽ هيگسيٿ آبناءِ هرمز ۾ تجارتي جهازن تي حملن جي صورت ۾ ايران کي سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

آمريڪي دفاعي کاتي جي سربراهه پيٽ هيگسيٿ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايراني چون ٿا ته آبناءِ هرمز تي سندن ڪنٽرول آهي، جڏهن ته ائين ناهي. جيڪڏهن ايران تجارتي جهازن تي حملا ڪيا ته کيس آمريڪي ”فائر پاور“ جو منهن ڏسڻو پوندو.

آمريڪي جنگي وزير چيو ته آمريڪا ايران سان جنگ نٿو چاهي، نه ئي ايراني فضائن ۾ داخل ٿينداسين ۽ نه ئي ايراني پاڻي ۾ ”آپريشن پروجيڪٽ فريڊم“ رڳو آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ آهي.

هن مطالبو ڪيو ته جپان ۽ ڏکڻ ڪوريا آبناءِ هرمز کولرائڻ جي ڪوششن ۾ ساٿ ڏين هيگسيٿ چيو ته آمريڪي فوج چاهي ٿي ته آبناءِ هرمز تان ايران جو غير قانوني قبضو ختم ڪرائي ۽ تجارتي جهازن کي ايراني جارحيت کان تحفظ فراهم ڪري، دنيا کي اڳتي وڌي آبناءِ هرمز جي ذميواري سنڀالڻي پوندي.

هن اهو پڻ چيو ته ايران جو منصوبو عالمي ڀتي جي هڪ شڪل آهي جيڪو قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي، ايران جيڪڏهن ڪمرشل شپنگ تي حملا ڪيا ته سخت جواب ڏنو ويندو.

آمريڪي فوج ايران خلاف وڏي ڪارروائي لاءِ تيار آهي: جنرل ڊين ڪين آمريڪي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيئرمين جنرل ڊين ڪين بچاءَ واري وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آمريڪي فوج ايران خلاف وڏي ڪارروائي لاءِ تيار آهي.

هن دعويٰ ڪئي ته ايران جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر متاثر ٿي چڪو آهي، پر گڏوگڏ اهو به چيو ته ايران جون ڪارروائيون ان حد تائين ناهن پهتيون جو جنگ ٻيهر شروع ڪئي وڃي.

جنرل ڊين ڪين جو چوڻ هو ته صدر ٽرمپ جي حڪم تي آچر ڏينهن ”پروجيڪٽ فريڊم“شروع ڪيو ويو، جنهن جو مقصد آبناءِ هرمز تان تجارتي اچ وڃ جي بحالي آهي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم مني…
23 May 2026
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
23 May 2026
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو…
25 May 2026
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برس…
30 May 2026
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
30 May 2026
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين محرم الحرام تي تبديل ڪيو ويندو۔
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين…
30 May 2026
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار، هيليڪاپٽر ڪري تباهه؛ مڙس فوت
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار،…
01 Jun 2026
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊي…
01 Jun 2026
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪ…
02 Jun 2026
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي وئي
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي…
02 Jun 2026