ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي

"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي

پاڪستاني اداڪار آغا علي چيو آهي ته جڏهن به هو ٻيهر شادي ڪندو ته ان جو فخر سان اعلان ڪندو.

پاڪستان شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ اداڪار آغا علي تازو هڪ نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ پنهنجي ذاتي زندگي، شوبز انڊسٽري ۽ ٻين مختلف معاملن تي کلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

انٽرويو دوران ميزبان جڏهن کانئس سوشل ميڊيا تي ذاتي زندگي شيئر ڪرڻ بابت سوال ڪيو ته آغا علي چيو ته هو پنهنجي ڪنهن به رشتو عوام آڏو آڻڻ جي حق ۾ ناهي، ڇو ته اهڙي رشتي ۾ صرف هڪ شخص نه پر ٻيو فرد به شامل هوندو آهي، تنهنڪري ٻنهي جي رازداري جو احترام ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته منهنجي خيال ۾ شادي کان اڳ اهڙيون ڳالهيون ظاهر نه ڪرڻ گهرجن، البت جڏهن به منهنجي شادي ٿيندي ته مان ان جو فخر سان اعلان ضرور ڪندس.

آغا علي وڌيڪ چيو ته ڪنهن به رشتي جي ڪابه ضمانت نه هوندي آهي، اهو معلوم ناهي هوندو ته اهو مستقبل ۾ هلي سگهندو يا نه. هن چيو ته جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي، ماڻهن ۾ مايوسي وڌي رهي آهي ۽ بيروزگاري به وڌي رهي آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن سوشل ميڊيا کي ٻين بابت بي بنياد ڳالهيون ڪرڻ ۽ ان مان پئسا ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته آغا علي ۽ اداڪارا حنا الطاف جي شادي 2020ع ۾ ٿي هئي، جيڪا لڳ ڀڳ چار سال هلڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيتن ۽ مداحن پاران تعزيت
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيت…
10 Jul 2026
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مهانگن اگهن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مها…
13 Jul 2026
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏي رهائشي منصوبي جو فيصلو
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏ…
13 Jul 2026
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ ره…
14 Jul 2026
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لا…
15 Jul 2026
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي…
16 Jul 2026
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل ڪمپنين حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل …
16 Jul 2026
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوشل ميڊيا ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي تجويز
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوش…
16 Jul 2026
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي مذهب بابت ٻڌائي ڇڏيو
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي …
17 Jul 2026