ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
ايشوريا راءِ جو گانو اٺين جماعت جي درسي ڪتاب ۾ شامل، تڪرار پيدا ٿي ويو

ايشوريا راءِ جو گانو اٺين جماعت جي درسي ڪتاب ۾ شامل، تڪرار پيدا ٿي ويو

ڀارتي رياست اوڙيسا ۾ اٺين جماعت جي درسي ڪتاب ۾ بالي ووڊ جي مشهور گاني "نمبوڙا نمبوڙا" جا بول شامل ڪرڻ کانپوءِ نئون تڪرار پيدا ٿي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب، هي گانو اٺين جماعت جي آرٽ ايجوڪيشن جي درسي ڪتاب "ڪيرتي" ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو ڀارت جي قومي تعليمي پاليسي 2020 تحت تيار ڪيو ويو هو.

درسي ڪتاب ۾ مشهور بالي ووڊ فلم "هم دل دي چڪي صنم" جي گاني "نمبوڙا نمبوڙا" جا بول راجسٿاني لوڪ گيت طور شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هي گانو بلاڪ بسٽر فلم ۾ ايشوريا راءِ ۽ سلمان خان تي فلمايو ويو هو، جيڪا 1999ع ۾ رليز ٿي هئي.

ڀارتي ميڊيا موجب، جيئن ئي درسي ڪتاب جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ته ماڻهن اوڙيسا جي ثقافتي ۽ لوڪ ورثي کي هٿي ڏيڻ بدران بالي ووڊ فلمن جا گيت درسي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو.

رپورٽ موجب، اوڙيسا جي وڏي وزير موهن چرن ماجهي ۽ تعليم واري وزير نتيانند گونڊ هن معاملي تي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته رياست جي ڪائونسل آف ايجوڪيشنل ريسرچ اينڊ ٽريننگ (SCERT) جي سينيئر عملدارن کي پڻ معطل ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته رياستي حڪومت SCERT جي 6 اهلڪارن خلاف باقاعده جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن معاملي جي جاچ لاءِ هڪ خاص انڪوائري ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن مستقبل جي درسي ڪتابن جي جائزي جي عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اهڙين غلطين کي روڪڻ لاءِ ڪوالٽي اشيورنس سيل قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيتن ۽ مداحن پاران تعزيت
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيت…
10 Jul 2026
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مهانگن اگهن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مها…
13 Jul 2026
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏي رهائشي منصوبي جو فيصلو
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏ…
13 Jul 2026
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ ره…
14 Jul 2026
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لا…
15 Jul 2026
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي…
16 Jul 2026
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل ڪمپنين حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل …
16 Jul 2026
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوشل ميڊيا ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي تجويز
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوش…
16 Jul 2026
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي مذهب بابت ٻڌائي ڇڏيو
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي …
17 Jul 2026