ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
’ڪالا هرن‘ فلم تڪرار: سلمان خان کي عدالت مان فوري رليف نه ملي سگهيو

’ڪالا هرن‘ فلم تڪرار: سلمان خان کي عدالت مان فوري رليف نه ملي سگهيو


بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي ان جي زندگي سان مشابهه رکندڙ متنازع فلم ’’ڪالا هرن: دي بيٽل فار ليگيـسي‘‘ خلاف داخل ڪيس ۾ فوري ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي.

دهلي هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪندي عبوري رليف جي درخواست منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جسٽس مدھو جين تي مشتمل بينچ ٻڌڻي دوران سلمان خان جي قانوني ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو ڪيس سان لاڳاپيل سمورا دستاويز ۽ رڪارڊ فلم سازن جي وڪيلن کي فراهم ڪن ته جيئن هو مڪمل تياري سان پنهنجو موقف عدالت آڏو پيش ڪري سگهن.

سلمان خان عدالت کان درخواست ڪئي هئي ته فلم جي نمائش روڪي وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس مطابق فلم ۾ 1998 جي مشهور ڪالا هرن شڪار ڪيس ۽ گينگسٽر لارنس بشنوئي سان مبينا تڪرار کي سندس اجازت کان سواءِ ڏيکاريو ويو آهي.

سندس وڪيل سنديپ سيٺي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته فلم بنيادي طور تي سلمان خان جي زندگي مان متاثر ٿي ٺاهي پئي وڃي، جڏهن ته نه ته اجازت ورتي وئي آهي ۽ نه ئي قانوني حق حاصل ڪيو ويو آهي.

وڪيل موجب فلم ۾ سلمان خان جو نالو سڌو استعمال نه ڪيو ويو آهي، پر مرڪزي ڪردار، ڪهاڻي ۽ منظر واضح طور تي سندس شخصيت سان ملن ٿا. هن عدالت کي اهو به ٻڌايو ته ٽيزر ۾ ڪردار هٿيار سان ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو غلط تاثر پيدا ڪري سگهي ٿو.

ٻئي طرف فلم سازن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته کين مڪمل دستاويز نه مليا آهن، تنهنڪري هو تفصيلي جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. عدالت فائنل ٻڌڻي لاءِ پهرين جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي۔


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيتن ۽ مداحن پاران تعزيت
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيت…
10 Jul 2026
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مهانگن اگهن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مها…
13 Jul 2026
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏي رهائشي منصوبي جو فيصلو
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏ…
13 Jul 2026
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ ره…
14 Jul 2026
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لا…
15 Jul 2026
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي…
16 Jul 2026
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل ڪمپنين حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل …
16 Jul 2026
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوشل ميڊيا ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي تجويز
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوش…
16 Jul 2026
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي مذهب بابت ٻڌائي ڇڏيو
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي …
17 Jul 2026