ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي

بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي

بالي ووڊ جي مشهور پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ ۽ اداڪار ارجن ڪپور جي ڀيڻ انشولا ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب انشولا ڪپور پنهنجي بواءِ فرينڊ روهن ٺاڪر سان شادي ڪئي آهي. انشولا پنهنجي شادي جون خوبصورت تصويرون سوشل ميڊيا پليٽفارم انسٽاگرام تي شيئر ڪيون، جن ۾ ٻنهي کي شادي جون رسمون ادا ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

شيئر ڪيل تصويرن مان هڪ ۾ انشولا جون سوتيليون ڀينرون، بوني ڪپور ۽ سري ديوي جون ڌيئرون جھانوي ڪپور ۽ خوشي ڪپور پڻ تقريب ۾ موجود نظر اچن ٿيون.

انشولا ڪپور تصويرن سان گڏ هڪ جذباتي ڪيپشن به لکيو، جنهن ۾ هن 6 جولاءِ تي ٿيل پنهنجي شادي جو ذڪر ڪندي پنهنجي مڙس لاءِ محبت جو اظهار ڪيو.

ڀارتي ميڊيا موجب شادي جي تقريب نهايت خانگي نوعيت جي هئي، جنهن ۾ رڳو خاندان جي ويجهن ميمبرن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.

واضح رهي ته انشولا ڪپور ۽ روهن ٺاڪر جي مڱڻي جولاءِ 2025ع ۾ ٿي هئي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيتن ۽ مداحن پاران تعزيت
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيت…
10 Jul 2026
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مهانگن اگهن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مها…
13 Jul 2026
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏي رهائشي منصوبي جو فيصلو
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏ…
13 Jul 2026
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ ره…
14 Jul 2026
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لا…
15 Jul 2026
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي…
16 Jul 2026
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل ڪمپنين حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل …
16 Jul 2026
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوشل ميڊيا ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي تجويز
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوش…
16 Jul 2026
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي مذهب بابت ٻڌائي ڇڏيو
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي …
17 Jul 2026