ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
گهر مان دوست جي لاش ملڻ بعد ڀارتي اداڪارا ڪرشي ٿاپنڊا جو پهريون جذباتي بيان سامهون اچي ويو

گهر مان دوست جي لاش ملڻ بعد ڀارتي اداڪارا ڪرشي ٿاپنڊا جو پهريون جذباتي بيان سامهون اچي ويو

ڀارتي اداڪارا، ماڊل ۽ بگ باس ڪناڊا جي اڳوڻي مقابلي ڪندڙ ڪرشي ٿاپنڊا پنهنجي گهر مان واپاري دوست جي لاش ملڻ واري واقعي کان پوءِ پهريون ڀيرو خاموشي ٽوڙي آهي. بنگلورو ۾ پيش آيل هن افسوسناڪ واقعي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ جذباتي بيان جاري ڪندي عوام کان اپيل ڪئي آهي ته واقعي بابت بنا تصديق جي قياس آرائيون نه ڪيون وڃن.

ڪرشي ٿاپنڊا پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن ڪڏهن به تصور نه ڪيو هو ته کيس اهڙي ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ عوامي طور وضاحت پيش ڪرڻي پوندي. هن چيو ته شروعات ۾ هن خاموش رهڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر وڌندڙ افواهن، سوالن ۽ مختلف اندازن سبب کيس حقيقت بيان ڪرڻ ضروري محسوس ٿي.

اداڪارا موجب هن واقعي ۾ هن هڪ اهڙو شخص وڃايو آهي جيڪو سندس دل جي تمام ويجهو هو. هن چيو ته سندس دوست هميشه سندس ساٿ ڏنو، خيال رکيو ۽ هر ڏکئي وقت ۾ گڏ بيٺو رهيو. سندس وڇوڙي سان زندگي ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ٿي ويو آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.

ڪرشي ٿاپنڊا دوستن، مداحن ۽ خيرخواهن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جن هن ڏکئي وقت ۾ سندس ساٿ ڏنو. هن چيو ته هڪ خاندان پنهنجو پٽ وڃائي چڪو آهي جڏهن ته ڪيترن دوستن پنهنجي انتهائي ويجهي شخصيت کي هميشه لاءِ وڃائي ڇڏيو آهي.

پنهنجي بيان جي آخر ۾ اداڪارا عوام کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن جي چهري تي مرڪ نه آڻي سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ سندس ڳوڙهن جو سبب نه بڻجن. هن درخواست ڪئي ته مرحوم وشيڪ کي سڪون سان آرام ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ سندس خاندان، دوستن ۽ ويجهن ماڻهن کي غم ملهائڻ لاءِ عزت ۽ رازداري فراهم ڪئي وڃي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيتن ۽ مداحن پاران تعزيت
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيت…
10 Jul 2026
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مهانگن اگهن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مها…
13 Jul 2026
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏي رهائشي منصوبي جو فيصلو
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏ…
13 Jul 2026
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ ره…
14 Jul 2026
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لا…
15 Jul 2026
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي…
16 Jul 2026
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل ڪمپنين حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل …
16 Jul 2026
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوشل ميڊيا ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي تجويز
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوش…
16 Jul 2026
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي مذهب بابت ٻڌائي ڇڏيو
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي …
17 Jul 2026