ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
منهنجا ٻار نماز به پڙهندا ۽ ديوالي توڙي ڪرسمس به ملهائيندا: سيف علي خان

منهنجا ٻار نماز به پڙهندا ۽ ديوالي توڙي ڪرسمس به ملهائيندا: سيف علي خان


ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سيف علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته هو پنهنجي پٽن تيمور علي خان ۽ جهانگير علي خان سان مذهب بابت کلي ڳالهائيندو آهي ۽ کين اهي ئي قدر سيکاريندو آهي جيڪي کيس سندس ماءُ سيکاريا هئا.

ڀارتي ميڊيا موجب لنڊن ۾ هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي سيف علي خان چيو ته هو پاڻ گهڻو مذهبي نه آهي، پر سندس ماءُ کيس ننڍپڻ کان اهو سيکاريو هو ته خدا هڪ آهي، ۽ هن پنهنجي ٻارن کي به ساڳيو سبق ڏنو آهي.

سيف علي خان ٻڌايو ته هن اهڙن تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي مختلف مذهبن جي تعليمات ۽ مذهبي تهوارن جو احترام ڪيو ويندو هو. هن چيو ته سندس اسڪول ۾ هر ڏينهن جي شروعات چرچ ۾ عبادت سان ٿيندي هئي. هڪ ڀيري هن اهو چئي ان عبادت کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس مذهب مختلف آهي، پر اسڪول انتظاميا سندس لاءِ هڪ مولوي صاحب جو بندوبست ڪري ڇڏيو، جنهن سبب اهو عذر به ڪم نه آيو.

هن وڌيڪ چيو ته هو چاهي ٿو ته سندس ٻار سڀني مذهبن جو احترام ڪرڻ سکن. سندس مطابق تيمور ۽ جهانگير نماز به پڙهندا، ٻين مذهبن جي عبادتن ۾ به شرڪت ڪندا ۽ ديوالي سان گڏ ڪرسمس جهڙا تهوار به ملهائيندا.

ياد رهي ته سيف علي خان ٻن مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ اداڪارائن سان شاديون ڪري چڪو آهي. سندس موجوده گهرواري ڪرينا ڪپور سان شادي 2012ع ۾ ٿي هئي، جڏهن ته ٻنهي کي تيمور علي خان ۽ جهانگير علي خان نالي ٻه پٽ آهن.

ان کان اڳ سيف علي خان 1991ع ۾ اداڪارا امرتا سنگهه سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس سارا علي خان ۽ ابراهيم علي خان نالي ٻه ٻار آهن. بعد ۾ 2004ع ۾ ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيتن ۽ مداحن پاران تعزيت
اداڪار احسن خان جي والد لاڏاڻو ڪري ويا، شوبز شخصيت…
10 Jul 2026
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مهانگن اگهن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو
ٽيلر سوئفٽ جي شادي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ڪچرو به مها…
13 Jul 2026
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏي رهائشي منصوبي جو فيصلو
عامر خان جو سڄي خاندان کي هڪ ئي هنڌ گڏ رکڻ لاءِ وڏ…
13 Jul 2026
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو
دوکي جي افواهن باوجود سنيتا آہوجا گووندا سان گڏ ره…
14 Jul 2026
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان
هندو انتهاپسند اڳواڻ پاران عامر خان کي قتل ڪندڙ لا…
15 Jul 2026
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
شہناز گل راگھو جيويل سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي…
16 Jul 2026
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل ڪمپنين حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو
ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت موجب پيٽرول باقي، آئل …
16 Jul 2026
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوشل ميڊيا ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي تجويز
برطانيا ۾ 16 ۽ 17 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات جو سوش…
16 Jul 2026
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي مذهب بابت ٻڌائي ڇڏيو
قتل جون ڌمڪين کان پوءِ عامر خان پنهنجي ٽين زال جي …
17 Jul 2026